ٺوڙهي بجار

ٺوڙهي بجار: هي ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي قنبر جي ديهه ’ڊٻ مِٺو‘ ۾ آباد آهي. هتي پرائمري اسڪول، گورنمينٽ مڊل اسڪول، سارين ڇڙهڻ جا ٻه ڪارخانا، برانچ پوسٽ آفيس ۽ رورل هيلٿ سينٽر موجود آهن. ٺوڙهي بجار انگريزن جي دؤر کان به آڳاٽو ڳوٺ آهي، جنهن جو بنياد ٺوڙهي مينهن جي دڙي تي ويهڻ سبب پيو. هن ڳوٺ ۾ هڪ دڙو هو، جنهن تي هڪ مينهن اچي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهندي هئي. بعد ۾ اوسي پاسي آبادي ٿيڻ لڳي.
هن ساڳئي نالي سان ٻه ڳوٺ مشهور ٿيا، جنهن مان هڪ وڏي ٺوڙهي ۽ ٻي ننڍي ٺوڙهي. ڪجهه وقت کان پوءِ وڏي ٺوڙهي، ڳوٺ ٺوڙهي بجر ۽ ننڍي ٺوڙهي، ڳوٺ ٺوڙهي سهراب جي نالن سان منسوب ڪيا ويا. ڳوٺ ٺوڙهي بجار، شروع واري دؤر کان وٺي عالمن جو ڳڙهه رهيو آهي، جيڪي مدرسن ۾ ديني تعليم ڏيندا هئا. هن ڳوٺ جي عالم ۽ مولوي گهراڻن ۾ مولوي ڪريم داد چانڊئي جي اولاد مان مولوي عبدالحئي چانڊيو ۽ مولوي عبدالهادي چانڊيو (قمبر وارا) مشهور آهن، جيڪي عالم فاضل ۽ اديب سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جا ماهر آهن. نوجوان دانشور جامي چانڊيو به هنن مان آهي، ان کان سواءِ ٺوڙهي بجار جي عالمن ۾ مولوي محبت الله تنيو ۽ مولوي الهه بخش تنيو، مولوي عبدالحڪيم تنيو، ميان الهرکيو تنيو شامل آهن. ڊاڪٽر شمس الدين تنيو زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو رٽائرڊ پروفيسر به هتي جو رهاڪو آهي. هيءُ ڳوٺ تعلقي قنبر جي مرڪزي شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهنڪري ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن سان ڳنڍيل آهي.


لفظ ٺوڙهي بجارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو